پورهيتن جو عالمي ڏينهن ۽ حقن جي جدوجهد

دنيا ۾ هر سال مئي مهيني جي پهرين تاريخ تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ جو هڪڙو مقصد پورهيتن پاران حقن حاصل ڪرڻ واري ياد گيري   کي ورجائڻ آهي.ته وري  ٻيو مقصد حقن وٺڻ واري جدوجهد دوران انهن مزدورن جي قربانين کي به ياد ڪرڻ هوندو آهي. جن پنهنجي حياتي کي قربان ڪري  پورهيتن جو وقت اٺ ڪلاڪ مقرر ڪرايو جيڪو اڄ سموري دنيا ۾ رائج آهي، جي نه ته ان کان اڳ ڪم ڪندڙن کان 16 ڪلاڪن کان به وڌيڪ ڪم ورتو ويندو هو. اهو سڀڪجهه  اڄ کان هڪ سئو ڇٽيهه سال اڳ ٿيو هو. جدوجهد جو اهم موڙ 1886 ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾آيو هو.مختلف مرحلن ۾ ڪيل فيصلن موجب پهرن مئي 1886ع تي  شڪاگو ۾چاليهه هزار کان وڌيڪ مزدورن هڙتال ڪئي، هنن جي  تقريرن ماحول کي گرمائي ڇڏيو. هر ڪو انهن ڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳو.آهستي آهستي مظاهرو ڪندڙن جو   انگ هڪ لک کان وڌي ويو آهي. جلوس نڪتا شهر جي چوڌاري گشت ڪيوويو.

ارڙهين صديءَ جي وچ تائين دنيا جي انهن مزدورن کي سندن مقصد ۾ ڪا ڪاميابي نه  ٿي هئي. ان دور ۾ جڏهن سوشلزم جا نظريا عام پورهيتن ۾ تيزي سان  مقبول ٿي رهيا هئا. سوشلسٽ تنظيمون به اڀري رهيون هيون جن مان پورهيتن کي گهڻو اتساهه ۽سگهه ملي هئي.

آمريڪا کان اڳ 1856ع ۾ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ پڻ اٺ ڪلاڪ جي لاءِ جي تحريڪ هلي هئي، هنن پورهيتن جو چوڻ هو ته هڪ  ڏينهن جي 24 ڪلاڪن کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي.انسان  اٺ ڪلاڪ ڪم ڪري، اٺ ڪلاڪ تفريحي سرگرميون ڪري ۽ پاڻ کي وندرائي باقي آخري اٺ ڪلاڪ سڪون جي ننڊ ڪري.

پر مزدورن جي هلندڙ جدوجهد دوران ٻن ڏينهن کان پوءِ 3 مئي تي فساد ٿيا، مطالبن جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. پوليس تشدد تي لهي آئي ۽ 3 مئي تي هڙتال ڪندڙ پورهيتن کي شهيد ڪيوويو، ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. پر  پوءِ نيٺ اهو اٺن ڪلاڪن جي ڪم وارو مطالبو تسليم ڪرڻو پيو. جنهن کي پوءِ سموري دنيا ۾ لاڳو ڪيو ويو.

اهو ته ٿيو هڪڙو پاسو پر اڄ به  پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدورن کي عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ روزانو اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ اڪثر ملڪن ۾ پورهيت طبقو ڪمائڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ نوڪريون ڪرڻ تي به مجبور آهي. جيئن ته هو ڪمائي پنهنجو ۽پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهي.تنهنڪري پهرين مئي واري مطالبي واري جدوجهد اڄ به جاري آهي، جنهن جي باقي مطالبن کي اڃان تسليم ڪرائڻو آهي.

هن وقت 2019ع ۾آيل  ڪورونا جي وبا ۽ سرمائيداراڻي بحران سبب پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ حياتي گهارين پيا. انهن حالتن جي ڪري  پورهيتن جو وڏو انگ بيروزگار آهي. ٻئي پاسي وري پنهنجو رت ست ڏئي ڪمائيندڙن کي  حڪومت طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا ماهوار پگهار به نٿي ڏني وڃي. انهن کي اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ پڻ ڪم ڪرڻو پوندو آهي.

پهرين مئي جو ڏينهن صرف هڪ تاريخي ڏينهن ناهي. اهو پنهنجي عهد کي ورجائڻ جو   هڪ موقعو به فراهم ڪري ٿو ته طبقاتي نظام ۾ سرمائيدار طبقن جي خلاف جاري جدوجهد کي منظم ڪجي، مطالبن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش کي جاري رکجي.

پورهيتن جي جدوجهد ۽ هنن جي حقن واري جاکوڙ جي جهنڊي جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي، ٿيو ائين جو مئي واري جدوجهد ۾ 4 هئي تي پورهيتن مٿان ڪيل ظلم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان ڏينهن تيز برسات به وٺي. احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، پوليس ۽پورهيتن جي چڪرين ۾ ڪارڪن زخمي ٿي پيا.هنن پنهنجي اڇي قميص کي رت ۾ رنڱي ان کي  هوا ۾ لهرايو. اهڙي ريت ڳاڙهو رنگ جدوجهد، قرباني ۽ پڪي ارادي جي   علامت بڻجي ويو.

پوليس چڪرين ۾ هڪ آفيسر مارجي ويو هو جنهن جي قتل جي الزام۾  مزدور اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو،  جن ۾ مزدور اڳواڻ البرٽ پارسن، آگسٽ، اسپيس، ساموئل فيلڊن، اسڪر نبي ، مائيڪل شواب، جارج اينگلز، ايڊولف مشري ۽ لوئس لنگ به شامل آهن،جن تي ڪيس هليا انهن مان چار مزدور اڳواڻن پارسن، اسپائيز، اينجل ۽ فشر کي سڄي ملڪ جي مزدورن جي احتجاج ۽ مظاهرن باوجود  11 نومبر 1887 تي ڦاهي ڏني وئي.

هڪ اڳواڻ لوئس لنگ پنهنجي ڦاسي کان هڪ ڏينهن اڳ خودڪشي ڪئي، ٻين ٽن کي ڇهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. هنن تي الزام ڪهڙا به لڳايا ويا پر هنن جو ڏوهه اهو هو ته هنن اٺ ڪلاڪ  جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي. مئي جو ڏهاڙو هن وقت دنيا جي 66 ملڪن ۾ عام موڪل آهي.

مزدور اڳواڻن ڦاهي چڙهڻ وقت جيڪي تاريخي جملا چيا هئا انهن جو پڙاڏو اڄ به ٻڌي سگهجي ٿو. "توهان اسان کي جسماني طور تي ماري سگهو ٿا پر توهان اسان کي خاموش نه ٿا ڪري سگهو.”

ان واقعي بعد ۾ 8 ڪلاڪ ڪم جي مطالبي سڄي دنيا ۾ زور ورتو. ساڳئي آمريڪا ۾ 1887ع ۾ ڪم جو سرڪاري طور تي اٺ ڪلاڪ مقررڻ جو اعلان ڪيو ويو..

ڪورونا وبا بعد پاڪستان ۾ غربت ۽ ناانصافي وڌي رهي آهي ۽ زندگي ڏکي ٿيندي پئي وڃي. ان ڪري عالمي مزدورن جي يڪجهتي جي اهميت اڃان به وڌي وئي آهي.پورهيتن جي حقن جون ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون وڃن ٿيون پر جيڪي حق ملڪ جي آئين ۽قانون ۾ اڳ لکيل آهن انهن تي به عمل نٿو ڪيو وڃي.ليبر قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي.  جيڪڏهن ڪارخانن اندر انسپيڪشن نه ٿيندي ته ڪيئن معلوم ٿيندو ته اتي ليبر قانونن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن اتي اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪيو پيو وڃي ته حڪومت نوٽيس نٿي وٺي.تنهنڪر ي ليبر انسپيڪشن تان پابندي هٽائڻ ۽ مزدور قانونن تي عملدرآمد. ڪم ڪنهن به صورت ۾ اٺ ڪلاڪ في ڏينهن کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.

هڪ جمهوري نظام جي لاءِ اڳ ۾ جاگيرداري نظام کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، هتي نالي ماتر جمهوريت آهي، ان تي دل جي تسڪين ته ٿئي ٿي پر جمهوريت تي عمل جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي سو هي سرڪار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، ته پوءِ پورهيتن يا عوام کي ڪيئن حق ملي سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.