قومي اسيمبلي اسپيڪر کان وڏي وزير جو حلف کڻائڻ جي حڪم خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ذريعي پنجاب جي وڏي وزير کان حلف وٺڻ جي حڪم خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ لارجر بينچ جي سفارش سان گڏ اپيل چيف جسٽس کي اماڻي ڇڏي آهي.

درخواستگذار جي وڪيل جي چوڻ تي ٻه رڪني بينچ لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي.

عدالت سنگل بينچ جي فيصلي ۾ پيرا 9 ۾ صدر ۽ گورنر جي خلاف ريمارڪس به معطل ڪري ڇڏيا.

عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، وڌيڪ ٻڌڻي عيد کانپوءِ ٿيندي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کان حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ اڄ مسلم ليگ ن جي حمزا شهباز پنجاب جي 21هين وڏي وزير جي حيثيت سان حلف کنيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.