مسجد نبوي صه واقعي تي مفتي منيب جو سخت رد عمل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مفتي منيب الرحمان مسجد نبوي صه واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه ليڊرن جي بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته انهن جي پهريون پلاننگ هئي.

هڪ بيان ۾ مفتي منيب جو چوڻ هو ته ناپاڪ قدمن پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪيو، هي پنهنجون سياسي شرارتون مسجدِ نبوي صه ۾ کڻي ويا، سانحي تي شيخ رشيد جي خاموشي جي مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته نعرا حمايت ۾ هجن يا مخالفت ۾ انهن جو جواز ناهي، سوره الحجرات ۾ بارگاهه مصطفيٰ صه جي ادبن بابت نهايت وضاحت سان بيان آهي.

سندس موجب اتي ته حضور صه جي بارگاهه ۾ سلام پيش ڪرڻ وقت به آواز آهستي رکڻ جو حڪم آهي، حرمت نبوي صه پائمال ڪرڻ وارن، ترغيب ڏيڻ وارن ۽ ان تي خوشي جو اظهار ڪندڙن تي وبال نازل ٿيندو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو مذمت سان گڏ جواز پيش ڪرڻ کليل منافقت آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.