اربيا حبيب ملڪ ڇڏڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي شروعات ۾ صنعتڪار سعدين عمران سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ اداڪارا اريبا حبيب تصديق ڪئي آهي ته هو جلد مڙس سان پرڏيهه لڏي ويندي.

هن هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻڌايو ته شادي کانپوءِ سندس زندگي ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي پر کيس ماءُ ياد اچي ٿي ۽ روزانو هو ماءُ سان فون تي حال احوال ڪندي آهي.

هن چيو ته هو ته 2021 ۾ شادي ڪرڻ چاهي پئي پر ڪورونا جي ڪري شادي ۾ دير ٿي وئي، شادي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ مڙس پرڏيهه هليو ويو، وري واپس آيو ۽ پوءِ وري هليو ويو، مڙس جرمني ۾ رهندو آهي ۽ عيد تي واپس ايندو.

سندس چوڻ هو ته هوءَ جلد جرمني لڏي ويندي، ڇو ته سندس مڙس اتي رهي ٿو ۽ ڪاروبار ڪري ٿو.

اداڪارا موجب هاڻي رڳو هڪ ڊرامي جي شوٽنگ رهجي وئي آهي، جنهن کانپوءِ لڏي وينديس.

اريبا موجب هوءَ جرمني لڏڻ بعد شوبز نه ڇڏيندي پر سال جي پڄاڻي تي موٽي ايندي ۽ شوبز ۾ ڪم ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.