دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾  پاڻي جي آمد ۽ نيڪالي بابت رپورٽ

اسلام آباد (اي پي پي ) واپڊا پاران جمعي واري ڏينهن جاري ڪيل دريائن ۽ آبي زخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ نيڪالي انگن اکرم موجب  سنڌو درياهه  ۾ تربيلا واري هنڌ پاڻي جي آمد 33900ڪيوسڪ ۽ وهڪرو33100 ڪيوسڪ ، دريائي ڪابل ۾ نوشهره واري هنڌن  پاڻي جي آمد 15100 ڪيوسڪ ۽ وهڪرو 15100 ڪيوسڪ، درياهه جهلم ۾ منگلاواري هنڌ پاڻي جي آمد 24300 ڪيوسڪ ۽ نيڪالي 28000 ڪيوسڪ ، چناب درياهه ۾ مراله واري هنڌ پاڻي جي آمد 14700 ڪيوسڪ ۽ وهڪرو7500 ڪيوسڪ آهي.تربيلا ڊيم جو گهٽ م گهٽ آپريٽنگ ليول 1392 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1392.00 فٽ ، ڊيم م پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جي قابل پاڻي جو آخيرو زيرو آهي. منگلاڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1073.10 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جي قابل پاڻي جو ذخيرو 0.104 ملين ايڪڙ فٽ آهي . چشمه بيراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ ، بيراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 649فٽ ، بيراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جي قابل 0.104 ملين ايڪڙ فٽ آهي.

افغانستان ۾ مني بسن ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي ذميواري داعش قبول ڪري ورتي

ڪابل (اي پي پي ) افغانستان ۾ مني بسن ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي ذميواري داعش قبول ڪري ورتي آهي .فرانسيسي خابرو اداري موجب داعش خراسان گذريل ڏينهن مني بسن تي ٿيندڙ ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪندي ٻڌايو آهي ته ڌماڪن ۾ 30 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن . بلخ جي صوبائي پوليس جي ترجمان آصف وزيري ٻڌايوته گذريل ڏينهن افغانستان جي شهر مزار شريف ۾ 2 مختلف مني بسن ۾ ڌماڪا ٿيا جنهن ۾  9 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا ، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن شهري افطاري جي تياري ڪري رهيا هئا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.