”پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ چمبڙ ۾ آبادگار سراپا احتجاج

چمبڙ (ن ع آ ) چمبڙ جي پڇڙين جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل پڇڙين ۾ پاڻي جو ڦڙو ڪونھي ماڻھو اڃ ويگھي رڙيون ڪري رھيا آھن مسلسل 22 ڏينھن کان سراپا احتجاج تي پيٺل بي يارو مددگار مظلوم آبادگارن جي دانھن تي ( پي ٽي آئي) اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ھدايتن تي ضلعي ٽنڊي الھيار، پي ٽي آئي اڳواڻ شير جمال ناھيو، علي ساجن ناھيو، وڪيل معشوق علي رند، يڪجھتي طور آبادگارن جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيا ھنن چيو تہ اڳوڻي  وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ پڇڙين جي آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي مڪمل طور ملي رھيو ھو جڏھن کان زرداري مافيا حڪومت جون واڳون سنڀاليون ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي غريب پورھيت حقدار خاص طور تي سنڌ جي تمام شاخن سميت تعلقي چمبڙ جي چاڪر شاخ ميران کوري شاخ، زنئور شاخ ۽ نصير واھ مان نڪرندڙ غريب شاخ، لانڍي ون لانڍي ٽو سميت مختلف شاخن جي پڇڙين ۾ لکين ايڪڙ زرعي زمينون سڪائي تباھ ڪري ڇڏيون آھن ھنن الزام ھڻندي چيو تہ اڳ ۾ زرداري مافيا روينيو جي ڪرپٽ عملدارن سان ملي ڪري سنڌ جي ھزارين زرعي زمينن جا جعلي کاتا ٺھرائي پنھنجي مافيائن جي نالي ڪري نااھل پوليس ھي زور تي مسڪين ماڻھن کي مارڪٽ ڪري انھن کي اغوا ڪرا ئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي اصل وارثن کان سندن ابن ڏاڏن جو زرعي زمينون کسي زبردستي قبضا پنھنجا گھنڊا ويھاري ڇڏيندو آھي جنھن جو تازو مثال تعلقي چمبڙ جي ديھ ٺل ۾ زميندار طارق راجپوت جي 40 ايڪڙ زرعي زمين تي وڏي رئيس جي ويجھي ساٿي قبضو ڪيو ھو جنھن جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ ڀعد ھو قبضو خالي ڪري ويو. ان موقعي تي ڪئيمپ قائم ڪري ويٺل پڇڙين جي مظلوم آبادگارن مولا بخش لغاري، امير بخش رند، مقبول لغاري ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي احتجاج ڪندي ٻڌايو تہ گذريل 5 مھينن کان اسان چمبڙ جي روڊن مٿان ماتم ڪندا ٿا اچون آبپاشي عملدار اسان کي سکڻا آسرا ڏيئي ظلم ڪري رھيا آھن. اسان 21 رمضان تي پيئڻ جي پاڻي خاطر نٽھڻ اس ۾ پنھنجي معصوم ٻچن جو رت ڪڍي حصي جو پاڻي گھريو پر افسوس ڪنھنجي ڪن تي جونئہ نہ سري اڄ 27 رمضان المبارڪ جو ڏھاڙو آھي منڍ جا بااثر اسانجي ٻچڙن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي پنھنجي اولاد کي ھزارين روپين جا نوان ڪپڙا بوٽ پنھنجي گھر ڀاتين لاء عيد جي خريداري ڪري قسم قسم جا تعام تيار ڪري کائيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.