سيپڪو ۽ حيسڪو لوڊشيڊنگ جي ذميواري قبول ڪندا؟

سڪندر چنو

ملڪ خاص ڪري سنڌ گرميءَ جي لپيٽ ۾ آهي. سنڌ ۾ گرمين جو اصل سبب درياهه سنڌ جي ٻنهي ڪپن تي ٻيلن جي واڍي ۽ وڻ وڍي اتي زمينون آباد ڪيون ويون. ان ڏوهه ۾ ٻيلو کاتو به ڀاڱي ڀائيوار آهي. ٻيلن ۽ وڻ هار جي نه هجڻ سبب ٿڌهاڻ جو تصور ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي مترادف هجي ٿو. اس کي ڪوهه مري ۽ ان جي ٻين علائقن ۾ گرمين جي ٿڌاڻ ڇو محسوس ٿيندي آهي؟ ان جو آخرڪار ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ان جا به ڪيترائي سبب آهن هڪ ته اتي وڻڪار تمام گهڻي آهي. توڙي جو جابلو علائقا به آهن. پر انهن علائقن ۾ ٻيلن جو هجڻ تمام وافر مقدار ۾ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي انهن علائقن ۾ وڻن جي واڍي پيل آهي. پر اهو ڪاٺ تمام قيمتي هجي ٿو مثال طور ديال ۽ ساڳ وغيره. ان مان قيمتي فرنيچر تيار ٿئي ٿو ۽ اهو ڪاٺ بدنصيبي سان سنڌ ۾ ناهي. اسان سنڌ واسين جيڪي پنهنجي هٿ سان ٻيلا وڍي تباهه ڪيا اهي صرف زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ پنهنجي مالي حوس جي پورائي لاءِ. پر مان سمجهان ٿو ته اها حوس وقتي طور ته پوري ٿي هوندي پر وري ساڳيا چگهه ۽ لاٽون واري راند انهن ماڻهن جي سوچ ۾ گهمندي هوندي اسان پهريان نقصان ۽ فائدي بابت نه سوچيندا آهيون. جڏهن گيم هٿن مان نڪري ويندي آهي پوءِ اف ۽ ابول ڪندا آهيون. منهنجي احمقاڻي صلاح ته پهريان سوچجي.

بهرحال اسان ڏسندا آهيون ته ٿر ۾ ڪڏهن ڪڏهن قحط هجڻ جو خبرون ميڊيا جي مارڪيٽ ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن. ان جو اصل ڪارڻ ته وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر. وارو قصو هوندو آهي. ٿر ۾ وڻڪار ڪانهي، صرف وارياسو علائقو آهي. ان ڪري اتي برساتون به تمام گهٽ مقدار ۾ پون ٿيون. ۽ گرمين ۾ واريءَ جي تپش سبب گرمي به اتي تمام گهڻي ٿيندي آهي. خاص ڪري ٿر جي علائقي عمرڪوٽ ۽ ڇور ۾. بهرحال سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي چولستان وارياسي علائقي ۾ گرميءَ جو ٽيمپريچر تمام گهڻو هوندو آهي. هن وقت سنڌ جي علائقن جوهي، ڪاڇو، ٿر، ڇور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو قمبر شهدادڪوٽ ۾ گرمي خيرپور ميرس، نوشهروفيروز، سانگهڙ، ڪنري، ميرپورخاص، حيدرآباد جي نسبت گرمي وڌيڪ رهندي آهي. گرمين وارن علائقن ۾ ٿي سگهي ٿو اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ٿيندي هجي پر  جيري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته سيپڪو ۽ حسيڪو ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو تصور به نه آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ته وڻڪار ڪانهي. وڻڪار ۽ ٻيلن جي ڪري برساتون وڌيڪ پونديون آهن. سنڌ درياهه جي اولهه واري طرف اوڀر طرف جي بنسبت وڌيڪ گرمي آهي. لوڊشيڊنگ جي ترتيب جو سمورو سسٽم NTDC وڻ آهي. ۽ اتان لوڊشيڊنگ بابت ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ ڄاڻ ملندي آهي. ۽ غير اعلانيا لوڊشيڊنگ جتي به ٿيندي آهي. فورن ان جو نوٽيس وٺي. اتان جي لاڳاپيل آفيسر جو باقاعده ڪلاس به ورتو ويندو آهي. ٽيڪنيڪل فالٽ سبب وقتي طور بجلي سپلاءِ متاثر رهندي آهي. هن وقت پاور ڊويزن اسلام آباد مان يا نيشنل گرڊ اسٽيشن اسلام آباد ۾ بجلي جمع ٿيندي آهي ۽ پوءِ اتان پوري ملڪ کي ڪوٽا جي حساب سان بجلي ڏني ويندي آهي. ظاهر آهي. اها بجلي مختلف بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن مان ٺهي اتي جمع ٿيندي آهي. ۽ اها مفت جي ڪٿي هوندي آهي؟ هن وقت 27 بجلي گهر بند پيلن مان 20 بجلي گهر موجود حڪومت جي ڪوششن سان فعال ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ ٽوٽل بجلي جي پيداوار 18500 ميگاواٽ آهي. ۽ گهرج جي لحاظ کان 2 هزار ميگاواٽ گهٽ آهي. موجوده حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ڪٿي به اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي. باقي جتي بلن جي ريڪوري گهٽ آهي اتي يقينن بجلي جي رسد به گهٽ هوندي بجلي بلن جي ادائيگي ۾ سنڌ کان وڌيڪ پنجاب ۾ صورتحال بهتر آهي. پر اصل مسئلو اهيو به آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 1974 ۾ جيڪي لائينون لڳيون وري انهن جي مرمت نه ڪئي ويئي آهي.

عمران خان صرف ڪوڙ مٿان ڌوڙ عوام کي ٻڌائيندو به رهيو ۽ وجهندو به رهيو. هن وقت سيپڪو ۽ حسيڪو ۾ اڻ سرڪاري اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪٿي به نه پئي ڪئي وڃي. بهرحال اسين جيڪي سيپڪو ۽ حيسڪو کي ميارون ڏيون ٿا ته سيپڪو ۽ حيسڪو بجلي لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي ڪري رهيا آهن انهيءَ الزام ۾ دم ناهي ڇاڪاڻ ته بجلي جي مٿان کان کوٽ آهي. ٻيو وري اسين بلن پيارڻ جا به ڪيڏا نه صدورا آهيون. هن رمضان شريف ۾ سيپڪو بهترين بجلي سپلاءِ ڏني آهي. ملڪ جو وزيراعظم موجوده شهباز شريف اعتراف ڪري ٿو ته بجلي جي کوٽ آهي ۽ مئي مهيني ۾ بجلي لوڊشيڊنگ ڪٿي به نه هوندي. ان لاءِ چيف سيپڪو جي ڪوششن کي سلام ضرور ڪرڻ گهرجي. ان ڪري سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي چيف ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ پاور ڪمپني جي چيف کي ذميوار قرار ڏيڻ منهنجي خيال ۾ زيادتي آهي. پر هن ننڍڙي ليک وسيلي آءُ چيف سيپڪو سکر کي گذارش ڪندس ته 1974 کان وٺي لڳل لائينون جيڪي خاص ڪري ڳوٺن ۾ آهن جي نئين سر مرمت ڪئي وڃي ۽ پول ۽ تارون نيون ڪيون وڃن ان کان علاوه چيف سيپڪو سکر جي خدمت ۾ اها به گذارش ڪندو هلان ته سيپڪو سب ڊويزن آپريشن ڏوڪري جو فيڊر ڪالوني جيڪو انتهائي ڊگهي مان ڊگهو فيڊر آهي ۽ وڏي ڊگهي فيڊر هجڻ سبب بجلي جي سپلاءِ هميشه متاثر رهي آهي ان فيڊر کي باءِ فرڪيٽ ڪري ننڍو ڪيو وڃي ته جيئن ڳوٺن کي بهتر کان بهتر بجلي ميسر ٿي سگهي ۽ ان فيڊر کي 66 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ڏوڪري کان باءِ فرڪيٽ ڪري موئن جو دڙو کان وايا ٻلهڙيجي، ڪاراڻي ۽ ڪچي جي علائقن کي الڳ ڪيو وڃي ۽ مهين جو دڙي کان بگي ٻنڊي، وايا، غلام حسين ٻٽ ۽ قاضي جي دڙن تائين فيڊر کي الڳ ڪيو وڃي ان سان لائين لاسز به گهٽ ٿيندا ۽ بهتر بجلي ميسر ٿي سگهندي ۽ سيپڪو رڪوري به بهتر رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.