عيد ڏهاڙي سنڌ ۾ گجگوڙ سان برسات جا امڪان

اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي عيد ڏهاڙي ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ سان مينهن پوڻ ۽ طوفان جو امڪان ظاهر ڪيو  آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جو سلسلو پهرين مئي کان ملڪ ۾ اولهندي علائقن تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ڪري عيد جي ڏينهن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن پوڻ جو امڪان آهي، اولهندي هوائون جو سلسلو 5 مئي تائين اثر انداز رهندو، پهرين مئي کان 3 مئي دوران چاغي، نوشڪي، ڪوئيٽا، چمن، پشين ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان مينهن پوڻ جو امڪان آهي، ان کانسواءِ پهرين کان 2 مئي دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين ۽ ٺٽي ۾ طوفان جو امڪان آهي، جڏهن ته جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين علائقن ۾ به گجگوڙ سان مينهن پوڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ هلندڙ گرمي جي لهر ۾ گھٽتائي جو امڪان آهي ۽ ڏينهن جو گرمي پد ۾ 4 کان 6 ڊگري سينيٽي گريڊ گھٽتائي جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب 2 کان 4 مئي دوران ڊيرا اسماعيل خان، بنون، لڪي مروت، وزيرستان، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ٻين علائقن ۾ به گجگوڙ سان مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.