متحده جا ٽي وزير سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) پ پ قيادت سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٻن وزيرن  ۽ هڪ صلاحڪار کان استعيفيٰ ڏيارڻ جو فيصلو، ذريعن موجب  پ پ قيادت پاران عمران خان حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪيل معاهدن تي عمل لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ بعد سنڌ ڪابينا جو حصو بڻائڻ جو به حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي ڪئي ويندي، ذريعن موجب سنڌ ڪابينا جي ٻن وزيرن لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزير عبدالباري پتافي ۽ انڊسٽريز کاتي جي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو  ۽ صلاحڪار رسول بخش چانڊيو کان استعيفيٰ ورتي ويندي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان ڪنور نويد جميل، خواجا اظهار الحسن ۽ جاويد حنيف خان  امڪاني طور تي  سنڌ ڪابينا جو حصو ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.