سي پي اين اي وفد بني گالا ڏک ۾يا ڪنهن اشاري تي پهتو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز)  ڪائونسل آف پاڪستان نيوز  پيپر ايڊيٽرز جي وفد ڪالهه بني گالا پهچي عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ميڊيا هائوسز ۽ سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچي ويو آهي ڇو ته سي پي اين اي اخباري مالڪن جي تنظيم آهي جيڪا ان وقت جڏهن عمران خان وزيراعظم هيو ۽ ميڊيا تي پابندين لاءِ پيڪا قانون آرڊيننس ذريعي  لاڳو ڪرڻ وڃي رهيو هو ته ان جي مخالفت ۾ سي پي اين اي سڀني کان اڳيان اڳيان هئي، عمران خان تي بطور وزيراعظم  سخت تنقيد ڪري رهي هئي، هاڻ جڏهن عمران خان بي اعتمادي رٿ ذريعي  بني گالا پهچي چڪو آهي، ان وقت سي پي اين اي جي وفد جو عمران خان وٽ پهچڻ انتهائي معنيٰ خيز آهي.  صحافي گوهر  بٽ جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ جڏهن لاهور  ۾ عمران خان جو جلسو ٿي رهيو هو ته نامياري صحافڻ غريده فاروقي جو چوڻ  هو ته هڪ اعليٰ آفيسر جو فون  آيو هو ته جلسي جي مڪمل ڪوريج ڪئي وڃي اهڙا ٻيا به ڪجهه مثال آهن، جن مان لڳي ٿو ته  سسٽم ۾ عمران خان کي چڱي خاصي حمايت اڄ به حاصل آهي ان ڪري ئي عمران خان ۽ شيخ رشيد آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙي رهيا آهن، بنا روڪ ٽوڪ انارڪي ۽ گهرو ويڙهه جهڙيون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، آئيني ادارن خلاف لاڳيتو زهر  اوڳاڇي رهيا آهن سوشل ميڊيا تي ادارن جي سربراهن خلاف ٽرينڊ هلائي رهيا آهن پر ڪوبه ادارو نوٽيس وٺڻ يا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪڏهن عدالت لنڊن ۾ ويٺل اڳواڻن جي بيانن ڇاپڻ  ۽ نشر ڪرڻ تي عدالت بندش وجهي سگهي ٿي ته پوءِ ملڪ ۾ ويٺل اڳواڻ جيڪڏهن عدالتن، اليڪشن ڪميشن ۽ رياستي ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ان جو نوٽيس ڇو نه ٿو ورتو وڃي،رهيو سوال ته سي پي اين اي جو وفد ڏک ۾ عمران جي عيادت ڪرڻ ويو يا ڪنهن جي چوڻ  تي پهتو ان جا به تفصيل گهڻو وقت ڳجها نه رهندا، ضرور ڪٿان نه ڪٿان منظر تي اچي ويندا، ڇو ته سي پي اين اي وفد  جي بني گالا پهچڻ تي ميڊيا هائوسز ۽ سوشل ميڊيا  تي وڏو بحث ڇڙيل آهي، ٿي سگهي ٿو ان بحث  دوران ئي خبر اچي وڃي ته اخباري مالڪن جو وفد  ڪهڙي مقصد سان ڪنهن جي چوڻ تي بني گالا وڃي پهتو آهي.

  • اڊيالا جيل جو ڪمرو ڪنهن لاءِ صاف  ڪيو ويو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) ڇا ڪپتان رانديگرن سميت جيل  ويندو يا اڪيلو ويندو ؟  اڊيالا جيل جو ڪمرو ڪنهن لاءِ صاف  ٿي رهيو آهي؟ نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته قانون واري وزير  اعطم نذير تارڙ  جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن خلاف عمران خان، اعجاز چوڌري ۽ ٻين جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن تي کين نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن وٽ قانوني اختيار آهن ته توهين جي الزام ۾ 6 مهينا جيل جي سزا به ڏئي سگهي ٿي ۽ نااهل به  ڪري سگهي ٿي، صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته اهڙيون ڪجهه شهادتون ملي رهيون آهن جن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته سسٽم مان عمران خان کي ضرور چڱي خاصي حمايت حاصل آهي، جنهن ڪري هو آئين  ۽ قانون کي چيهاڙي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ کيس ڪابه روڪ ٽوڪ نه آهي، ساڳي طرح شيخ  رشيد به اخلاقي آئيني ۽ قانوني حدون اورانگهي رهيو آهي گهرو ويڙهه جهڙا بيان ڏئي رهيو آهي پر ڪابه روڪ ٽوڪ نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.