پڙهيل لکيل عورت پنهنجي جان ڏيڻ تي مجبور ڇو ٿي: ڪميونسٽ پارٽي

حيدرآباد(رپورٽر) پولٽ بيورو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ  نوجوان ۽ ساڻس گڏ ٻن معصوم ٻارن جي ماءُ طرفان خودڪش ڪارروائي جي ذريعي چيني استادن کي مارڻ جي عمل سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آھي ته بلوچستان جي حقن جي تحريڪ مڪمل طور تي آزادي جي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آھي، اهو عمل ته دهشتگردي جي زمري ۾ ايندو آھي، پر هي دهشتگردي رياستي دهشتگردي جي خلاف جوابي دهشتگردي آھي، انهيءَ واقعي جي مذمت ڪرڻ جي بجاءِ سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت آھي ته هڪ ماءُ پڙھيل لکيل اها به معمولي نه تعليم ۾ ماسٽرز ۽ ايم فل ڪرڻ جي باوجود پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ ڇو تيار ٿي وئي، انهيءَ ڪارروائي کانپوءِ خطرو آھي ته ٻيا نوجوان به تيزيءَ سان انهيءَ رستي تي نه هلي پون. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ بيانن ۾ رياست کي خبردار ڪندي رهندي آھي ته انهيءَ جي سيڪيورٽي ادارن جي طرفان قومي، انساني و طبقاتي حقن جي لاءِ پرامن جدوجهد ڪرڻ وارن جا سڙيل لاشا، جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ڪري رياستي بنيادو تبديل ڪري انهيءَ حقيقي معني ۾ سيڪيولر، وفاقي، جهوري رياست ٺاهڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.