”مان بي ايڊ پئي ڪريان، اڻ پڙهيل سان شادي نه ڪنديس“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي شادي کان انڪار معمول جي بڻجي چڪي آهي ۽ تازو ئي اهڙو هڪ ٻيو واقعي پيش آيو جنهن ۾ ڪنوار شادي جي موقعي تي انڪار ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا تي هڪ ڪنوار گھوٽ کي هار پارائڻ واري رسم جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن دوران ڪنوار گھوٽ کي اڻ پڙهيل هجڻ ڪري شادي کان انڪار ڪندي ڏسي سگھجي ٿي.

وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڪنوار گھوٽ کي مالا پارائڻ جي رسم کان پهرين ئي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪارڻ پڇڻ تي ٻڌايو ته هو پهرين ئي ٻڌائي چڪي هئي ته هوءَ بي ايڊ ڪري رهي آهي ۽ جنهن سان شادي ڪرائي پئي وڃي اهو اڻ پڙهيل آهي تنهن ڪري هوءَ اها شادي نٿي ڪري سگھي.

ڪنوار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن گھوٽ پڙهيل لکيل هجي ها ته ٻه لائنون انگلش ۾ ڳالهائي سگھي ها پر ائين ناهي ان ڪري شادي نٿي ڪري سگھان.

محفل ۾ موجود ماڻهن ڪنوار کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ائين هو ته توهان کي پهريون چوڻ گھرجي ها ان تي ڪنوار ٻڌايو ته هوءَ ماءُ کي پهريون ئي هن شادي کان انڪار جو چئي چڪي هئي پر پئسن خاطر شادي تي مجبور ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.