مسجد نبوي صه واقعو: حڪومت جو ملوثن جي نشاندهي ڪري ڪارروائي جو اشارو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مسجد نبي صه ۾ پيش آيل واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اڳوڻو وزيراعظم  عمران خان ۽ اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد رڪارڊ تي آهن ته ڪيئن مسجد نبوي صه جي واقعي جي منصوبابندي ڪئي وئي، باقاعده طور تي چيو ويو ته ڏسجو سڀاڻي ساڻن ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن چاهيان ته شيدا ٽلي جي ٽلي کڙڪائي سگهجي ٿي پر اهو مناسب ناهي، پنجاهه سئو ماڻهو گڏ ڪري ڪنهن کي گاريون ڏيارڻ ته وڏو سولو آهي پر جمهوري روايتن موجب مقابلو ڪريو، ڪنهن کي حدون اورانگهڻ نه ڏينداسين.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته سندس وزارت سعودي اختيارن کي درخواست ڪري رهي آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ واقعي ۾ شامل ماڻهن جي سڃاڻپ پاڪستان کي به موڪلي وڃي ته جيئن انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي.

سندس چوڻ هو ته سي سي ٽي وي فوٽيج گهرائي رهيا آهيون ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪجي، قانون واري وزارت کي چيو آهي ته اسان کي ايڊوائس ڪري ته ڇا اسان ڪيس ڪري سگهون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.