صحافين جي زبان بندي قبول نه ڪئي ويندي:سي پي اين اِي

ڪراچي  (پ ر) سي پي اين اِي جي صدر ڪاظم خان ۽ سيڪريٽري جنرل عامر محمود سينيئر صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف کي ايف آءِ اي  طرفان هراسان ڪرڻ ۽ صحافي جي گهر ۾ گهڙڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت  ڪئي آهي.ارشد شريف سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هنن چيو آهي ته صحافين جي زبان بندي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.هنن چيو ته صحافين جي زبان بندي لاءِ قومي ادارن کي سهولتڪار نه بڻجڻ گهرجي.سي پي اين اِي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ غيرسنجيده ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.