ملير ۾ جماعت اصلاح المسلمين ۽ روحاني طلبا جماعت طرفان افطار تقريب

کوکراپار(ن ع آ)جماعت اصلاح المسلمين ۽ روحاني طلبا جماعت ملير طرفان افطار تقريب مھمان خاص حضرت علاما مولانا خليفا مطيع الله قريشي طاھري جي سرپرستي ۾ منعقد ڪئي ويئي افطار پارٽي تقريب ۾ نعت خوان شعيب طاهري، محمد جميل ۽ محمد سعيد نعتون ۽ منقبتون پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، مختلف برانچن جي عهديدارن ۽ جماعت سان محبت رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ن موقعي تي علاما مولانا خليفا مطيع الله قريشي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  روزو صبر ۽ برادشت جو نالو آهي، روزو پابند بڻائي ٿو ته اسين هر ڪنهن جي حقن جو خيال رکون، الله تعاليٰ  جو ذڪر ڪندا ڪريو ڇو ته ذڪر وارا الله جا ويجها ۽ پيارا ٻانها ٿي ويندا آهن، ھن چيو ته هي ڌرتي صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، هر دور ۾ هتي وقت جا ولي پنهنجيون ذميواريون نڀائيندا رهيا آهن ۽ هاڻي سنڌ ڌرتي جو صوفي بزرگ سڄڻ سائين پوري دنيا ۾ فيض ورهائي رهيو آهي، اچو ته سڀ گڏجي پياري مرشد سڄڻ سائين جي نقش قدم تي هلي الله وارن کان فيض حاصل ڪيون ته جيئن آخرت جي عذابن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. افطار تقريب ۾ روحاني طلبا جماعت ضلعي ملير جي جنرل سيڪريٽري رضا راڄپر طاهري، فنانس سيڪريٽري فدا راڄپر، نويد ميمڻ، عامر طاھري، فراصت شاھ، ثناءُ الله ٻگھيو، شاھد ٻگھيو ۽ سينيئر صحافي اعجاز اختر ميمڻ سميت ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

  • ميلر ۾ ڊي سي جي نگراني ۾ سستي اٽي جي فراهمي جو عمل جاري

ملير (ڊ ر)سنڌ حڪومت پاران رمضان المبارڪ جي  ڀلاري مهيني ۾ عوام کي سستي اٽي جي فراهمي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي پاران ضلع ملير جي مختلف علائقن گڏاپ ٽائون، ابراهيم حيدري، گلشن حديد، مين قائدآباد ۽ کوکراپار مارڪيٽ ۾ سستي اٽي جي فراهمي لاءِ پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان ضلعي ملير ۾ پنج هنڌن تي ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران سستي اٽي جي فراهمي لاءِ پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن جتي غريب عوام سستو اٽو آساني سان وٺي سگهن ٿا، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي پاران مختلف هنڌن تي لڳل سستي اٽي جي پوائنٽس جو وزٽ ڪيو ۽ سستي اٽي جي فراهمي جي پاڻ نگراني ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري مراد عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم منشاد شاهاڻي، مختيارڪار ابراهيم حيدري عبدالستار ڪلوڙ ۽ اسٽاف آفيسر ٽو ڊي سي ملير رضوان عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.