بلوچستان جي محرومين جو احساس آهي: غلام قمبر حاجاڻو

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) بلوچستان جي محرومين جو احساس آهي پر سنڌ جي سرزمين تي ڪارواين جي مذمت ڪريون ٿا اهڙن خيالن جو اظهار ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو سچل ڳوٺ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته علمي درسگاهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ غيرملڪي مهمان استادن تي ڪيل ۾ فوت ٿي ويلن جي  وارثن سان دلي افسوس ڪجي ٿي تعليمي ادارن ۾ جو ماحول خراب ڪندڙ تعليم ۽ قوم دشمن آهن بلوچستان جي معاملن لاءِ سنڌ جي سرزمين جي صوفي روح کي زخمي ڪرڻ نامناسب عمل آهي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي حڪومت جي خاتمي پوءِ ملڪي صورتحال ويتر خراب ٿي رهي آهي عوام مٿان بجلي کي مهانگو ڪرڻ وارو بم ڪيرائي وڌيڪ پريشان ڪيو ويو آهي حڪمرانن جي ويڙهه عوام لاءِ نه پر صرف ذاتي اقتدار لاءِ آهي عوامي مسئلن وارو ايجنڊا ڪنهن به حڪمران ڌر وٽ نه آهي جيڪڏهن تيل جون قيمتون وڌايون ويون ته عوام مجبورن روڊن تي نڪري ايندو ڪرپشن ۽ ناانصافي ملڪ کي بحران طرف ڌڪي رهي آهي سڄي ملڪ کي پاليندڙ سنڌ جي صورتحال خراب ڪئي وئي آهي اختيار ڌڻي سنڌ جي احساس محرومين جي خاتمي لاءِ اڳيان اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.