ملير پريس ڪلب تي حملي ۾ ملوث مک جوابدار عدالت آڏو پيش

ملير (ڊ.ر) ملير پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ پريس ڪلب تي حملو ڪندڙ مک جوابدار محمد علي افغاني کي بن قاسم پوليس ملير جي عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو، جوابدار عدالت  اڳيان اعتراف جرم ڪري ورتو، ڪيس جي فريادي وڪيل پاران عدالت کي ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم شامل ڪرڻ جي اپيل، عدالت جاچ آفيسر کي صحافين ۽ زخمي ڪارڪنن جا بيان قلمبند ڪري 30 اپريل تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، خبر موجب چار ڏينهن اڳ ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ۽ پريس ڪلب تي حملو ڪندڙ مک جوابدار محمد علي افغاني کي بن قاسم پوليس ملير جي جوڊيشل ميجسٽريٽ نمبر5 جي عدالت آڏو پيش ڪيو، جوابدار محمد علي افغاني عدالت اڳيان اعتراف جرم قبول ڪندي چيو ته مونکي پسٽل حيات پٺاڻ ڏنو ان ئي پسٽل سان مون فائر ڪيا پسٽل برآمد ڪرائي سگهان ٿو، انهيءِ موقعي تي عدالت ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي زخمي ڪارڪنن جي ڪيس جي فريادي وڪيل ايڊووڪيٽ سڪندر شر پاران عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته جوابدار اعتراف جرم ڪري چڪو آهي، ملير پريس ڪلب تي حملو آهي اها جڳهه پبلڪ پليس آهي فائرنگ دوران ماڻهن ۾ ڀڳدڙ مچي وئي ۽ خوف حراس پکڙجي ويو، انهيءِ متعلق سيڪشن 6(1)A تحت دهشتگردي ايڪٽ بڻجي ٿو، جوابدار جو رمانڊ دهشتگردي عدالت ۾ موڪليو وڃي جنهن تي عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي جاچ آفيسر جي اي بلالي کي هدايتون ڏنيون ته جيڪي متاثرين صحافي ۽ زخمين سميت ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جا بيان قلمبند ڪري مورخه 2022-04-30 تي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، پيشي جي موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي، پير بخش بهلڪاڻي، شبير چانڊيو، راڻو زهراڻي، اصغر سبزوئي، قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ اشفاق چنڙ، منان شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.