پني عاقل لڳ زمين مالڪي تان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل لڳ ڳوٺ سليمان ڪلھوڙو ۾ زمين جي مالڪي تان ڪلھوڙن جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا ھڪ ٻئي تي استعمال ڪيا ويا جنهن سبب ھڪ ڌر جو ھزار خان  ڪلھوڙو، شبير احمد، بشير احمد ۽ عبدالرزاق ڪلھوڙو زخمي ٿي پيا ۽ ٻئي ڌر مان محمد ايوب ڪلھوڙو، جاويد احمد، زاھد حسين ڪلھوڙو سخت زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي حد جي پوليس علاج جو ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتي زخمي ۽ سندن جا وارث ميڍيا کي ٻڌائي رھيا ھئا ته زميني جي مالڪي جي مسئلي تي نيڪ مردن فيصلو ڪري ڏيڻ جو ٻئي ڌريون دعوا ڪري رھيو ھيون، ٻئي پاسي پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ شاھپور مھر ۾ سنڱاوتي مسئلي تان سھري ۽ سالي گڏجي محمد امين ڀٽي کي سروٽا ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ زخمي کي علاج لاءِ وارثن تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي آيا، زخمين جو اسپتال ۾ علاج ھلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.