نيوسعيد آباد پوليس طرفان هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

نيوسعيدآباد (ت ر)نيوسعيدآباد ۾ پوليس ڪارروائي دوران پوليس هڪ منشيات  فروش انيل کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري سندس قبضي مان شراب ۽ زيڊ 21 جون پڙيون برآمد ڪيون. ان سلسلي ۾پوليس جي ايس ايڇ او محمد شريف کوسو پوليس پارٽي سان گڏ منشيات فروشن خلاف  آپريشن ڪندي بائي پاس ٽول پلازه نيوسعيد آباد وٽ ھڪ جنرل اسٽور تي ڇاپو ھڻي 52 بوتلون پڪو انگلش شراب ۽ 1500 سئوپڙيون زيڊ ايڪيھ- زھريلا ڳٽڪا جيڪي 6 ڪارٽون ۾ بند ھئا پڪڙي ھڪ شخص انيل ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته 3 ڄڻا ھرھڪ قادرلاکو، امير بخش پٽ عثمان ماڇي ۽ نعمان عرف ڪائو پٽ بال ڳاھوٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

  • ڪلوئي ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي

ڪلوئي (ن ع آ)ڪلوئي ۾ سٽي يوٿ فورم جي سڏ تي شهرين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي سوشل  ميڊيا تي تازو پاڪ فوج خلاف ٿيندڙ پروپيگنڊه خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي جي اڳواڻي  نصرالله لشڪري سڪندر علي علي محمد خان لنڊ ۽ ٻين ريلي شهر جي مک چوڪ کان ڪڍي  سڄي شهر جي بازار ۽ مين روڊ تان مارچ بعد پريس ڪلب پهتي, جتي پاڪ فوج جي حمايت ۾ زوردار نعرا هنيا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن نصرالله لشڪري ٻين  چيو ته فوج اسان جي پياري وطن پاڪستان جو دفاع ڪري ٿي, سرحدن تي مقرر سپاهي اسان جا محافظ آهن, ملڪ جو عوام پنهنجي فوج سان بي انتها محبت ڪري ٿو, حالتون ڪهڙيون به هجن اسان پنهنجي فوجي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.