نواب شاهه : ايس ٽي پي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد جي برطرفي لاءِ احتجاج

نواب شاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي  اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد جي برطرفي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سبحان مگسي، جلال شاهه، عاقب ڏاھري، منظور مگسي، خادم وساڻ ۽ ٻين   نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نواب شاهه پوليس ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو جي گھر تي چڙھائي ڪرڻ ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته نواب شاهه پوليس عورتن تي تشدد ڪري انتھائي ڪريل حرڪت ڪئي آھي، ھنن چيو ته ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد پنھنجي ساک مڪمل طور تي وڃائي چڪو آھي، علائقي ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، شھرين جي جان ۽ مال محفوظ ناھي، مظاهرين  مطالبو ڪيو ته ايس ٽي پي اڳواڻن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.