ڀارتي وزيراعظم جي دوري خلاف والاريل ڪشمير ۾ هڙتال

سرينگر(م ڊ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ گذريل ڏينهن (آچر) تي وزيراعظم نريندر مودي جي دوري  خلاف مڪمل هڙتال ڪئي وئي،ڪشمير ميڊيا سروس موجب هڙتال جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران ڀارتي وزيراعظم کي اهو پيغام ڏيڻ لاءِ ڏنو ويو هو ته ڪشميري پنهنجي هم وطن تي ڀارت جو غير قانوني قبضو رد ڪن ٿا ڄمون ۾ وڏي تعداد ۾ فوج ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا آهن،جڏهن ته  ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ريلي واري جاءِ کان 12 ڪلو ميٽر پري هڪ ڌماڪو ٿيو جڏهن ته مودي ڪشمير پهچي ويو هن ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي، مودي چيو ته 20 هزار ڪروڙ رپين جي پراجيڪٽ جو افتتاح ٿيو آهي، انهن ڪوششن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي نوجوانن کي روزگار ملندو، هن چي ته مان ڪشميري نوجوانن کي چوان ٿو ته اهي مون تي اعتماد ڪن، وادي جا نوجوانو ، مان توهان کي توهان جي ڏاڏا، ڏاڏي، ماءُ پيءُ، نانا، ناني جهڙي پريشان ڪندڙ زندگي گذارڻ نه ڏيندس،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.