ويوو جي مقبول سيريز ”ايڪس“ جو نئون فون متعارف

 

چيني موبائيل ڪمپني ويوو ٽن بيڪ ۽ هڪ فرنٽ ڪيمرا وارو ايڪس 80 پرو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ويوو جي ايڪس سيريز جي فونز کي پسند ڪيو ويندو آهي ۽ ڪمپني نئين فون ۾ اپڊيٽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ايڪس 80 پرو ۾ نوان فيچرز به ڏنا آهن.

ويوو ايڪس 80 پرو جي اسڪرين 7 انچن کان گهٽائي وئي آهي جڏهن ته هن جي بيٽريي ايڪس سيريز جي الترا فون کان 200 ايم اي ايچ گهٽ آهي.

ايڪس 80 پرو ۾ بيڪ تي ٽي ڪيمرا آهن جن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي الٽرا ۽ پورٽريٽ ڪيمرا 12 12 ميگاپڪسل جون آهن پر هن جا سينسر وڌيڪ بهتر بڻايا ويا آهن.

نئين فون ۾ 32 ميگا پڪسل جو فرنٽ سيلفي ڪيمرا آهي ۽ سينسر به اپ گريد ڪيو ويو آهي.

فاسٽ چارجنگ واري 4500 ايم اي ايڇ جي بيٽري ڏني وئي آهي جنهن کي 80 والٽ جي چارجر سپورٽ ڏني وئي آهي.

ايڪس 80 پرو ۾ 12 جي بي ريم ڏنل آهي ۽ ان کي وڌائي به سگهجي ٿو.

فون شروعاتي طو تي چين ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ امڪان آهي ته عيد تي پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

فوري طور تي هن جي قيمت سامهون نه آئي آهي پر امڪان آهي گهٽ ۾ گهٽ 90 هزار جو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.