ميڊيڪل جي شاگردياڻي پڙهائي جي دٻاءَ کان تنگ اچي آپگھات ڪري ڇڏيو

 

نارووال (ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي پڙهائي جي دٻاءَ کان تنگ اچي پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي زينب ڊي فارميسي فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئي.

پنجاب جي ضلعي نارووال ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي گھر ۾ آپگھات ڪري ڇڏيو، پوليس ٻڌايو ته 18ورهين جي زينب خانگي ڪاليج ۾ ڊي فارميسي فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئي.

ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي جي مبينا آپگھات جي معاملي تي ڊي ايس پي شيخ الياس ٻڌايو ته والدين موجب نياڻي سدائين چوندي هئي ته تعليم سخت آهي، هوءَ نه ڪري سگھندي، جنهن تي والدين ان کي چوندا هئا ته ڌيءُ توکي اسان لاءِ پڙهڻو آهي.

شيخ الياس جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن شاگردياڻي پيپر ڏنو هو، جيڪو درست نه ٿيو، شروعاتي رپورٽ موجب زينب جو قتل ناهي ٿيو، آپگھات آهي پر حتمي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ تي ٻڌايو ويندو.

ڊي ايس پي موجب شاگردياڻي جي ڳلي تي ڦاهي جا نشان واضح ڏٺا ويا آهن.

پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زينب ميڊيڪل پڙهائي جي گھڻين ڏکيائين باوجود والدين جي اصرار تي داخلا ورتي، والدين 60 لک رپيا سيلف فنانس فيس جمع ڪرائي هئي.

رپورٽ موجب ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڏکئي پيپر ۽ ڊپريشن جي ڪري آپگھات ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.