انگلش فٽبالر جو گهر بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش فٽبالر هيري ميگيور جي گهر کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

انگلش فٽبال ڪلب مانچسٽر يونائيٽڊ جي ڪپتان هيري ميگيور جي گهر کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جڏهن ته مقامي پوليس سندس گهر جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ان کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو.

انگلش مڊ فيلدر مڱيندي ۽ ٻن ٻارن سان گڏ رهي ٿو، هلندڙ سيزن ۾ هن ڪا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري هئي ۽ هو بم جي ڌمڪي ڏيڻ وارن کي به نٿو سڃاڻي.

ميگيور جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ فٽبالر کي گهر ڀاتين بابت خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن تي پوليس سان رابطو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.