سرڪاري ملازمن جا ٺٺ، عيد کان اڳ پگهار ڏيڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت عيدالفطر جي مناسبت سان سرڪاري ملازمن کي هلندڙ مهيني جي پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سرڪاري ملازمن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته کين هلندڙ مهيني جي پگهار عيد کان اڳ ئي ڏني ويندي.

عيدالفطر جي موقعي تي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن مهينو ختم ٿيڻ کان اڳ ڏني ويندي، ان حوالي سان ناڻي واري وزارت ڪنٽرول جنرل اڪائونٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي.

پهرين مئي تي موڪل ۽ ٻه مئي تي آچر هجڻ سبب ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ٽرانسفر نه ٿي سگهندي، تنهن ڪري ملازمن کي اپريل جي پگهار ۽ پينشن هن ئي مهيني جي آخري ورڪنگ ڊي تي ٽرانسفر ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.