بلوچستان ۾ فورسز جي چوڪي تي حملو، ميجر شهيد

ڪوئٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي ڪاهان ۾ فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ميجر شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان آواران جي علائقي ڪاهان ۾ گذريل رات دهشتگردن فورسز جي چوڪي تي حملو ڪري ڏنو، فائرنگ دوران ميجر شاهد بشير شهيد جڏهن ته هڪ سپاهي زخمي ٿي پيو، آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته فورسز دهشتگردن جي حملي کي ناڪام ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو ويجهو پهاڙن ۾ پيڇو ڪيو جنهن تي فرار ٿيڻ کان روڪڻ تي دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ ۽ چڪرين دوران ميجر شاهد بشير شهيد ٿي ويو، جڏهن ته چڪرين دوران دهشتگردن کي ڳرو نقصان پهچائيندي هڪ ٻيو سپاهي زخمي ٿي پيو،آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي ختم ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪام بنائيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.