رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا يوٽيوب چئنل بند، ٽي وي چئنلن تي اچڻ مٿان به بندش

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) بي اعتمادي رٿ ذريعي  پي ٽي آءِ  حڪومت جي خاتمي بعد سوشل ميڊيا تي جيڪو بحث ڇڙيو، ان ۾ ڪجهه سول ۽ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسر به ملوث ٿي ويا هئا، جن کي نيازي پرست جو لقب به ڏنو ويو هو، مهم اهڙي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي جو آخرڪار فوج جي سپهه سالار کي رٽائرڊ آفيسرن سان لاهور ۾ گڏجاڻي  ڪرڻي پئجي وئي ان گڏجاڻيءَ  ۾ ٿيل ڳالهيون آهستي آهستي منظر تي اچي رهيون آهن جڏهن  ته ان گڏجاڻي کانپوءِ رٽائرن آفيسر هڪدم سوشل ميڊيا تان غائب  ٿي ويا آهن،  جڏهن ته ٽي وي چئنلن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي پروگرامن ۾ شريڪ نه ڪيو وڃي نامياري صحافي اسد طور ۽ نادر بلوچ به ان گڏجاڻيءَ  جا ڪجهه نڪتا وي لاگ ۾ بيان ڪيا آهن فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باوجوده گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ته عمران خان کي ٽيم سٺي نه ملي، عثمان بوزدار کي پنجاب جو وڏو وزير ڪيائين کيس چيو ويو ته ان کي تبديل ڪيو، راضي به ٿيو ۽ عليم خان کي وڏو وزير ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، جڏهن عليم خان پنڊي پهتو ته عمران خان ڦري ويو، ايم اين ايز سان عمران خان ملڻ پسند نه ڪندو هو، ايم ڪيو ايم وارن چيو ته اوهان جي ڪري مجبوريءَ ۾ عمران خان سان ويٺا آهيون، عمران کي وري واضح  ڪيو ويو ته عثمان بوزدار کي وڏ وزارت تي برقرار رکي 22 سالن جي پنهنجي محنت ضايع ڪري رهيا آهيو،  معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، عمران خان اڃان ڪجهه وقت رهي ها ته اوهان جي پينشن ۽ جوانن جي پگهار لاءِ پئسا نه هجن ها، سپهه سالار اهو به چيو ته هڪ سال اڳ ئي عمران خان بي اعتمادي رٿ ذريعي هليو وڃي ها پر اسان سندس مدد ڪئي، هڪ سوال جي جواب ۾سپهه سالار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وڳوڙ ٿيا ته سياستدانن کي گرفتار ڪري عدالت کي چونڊون ڪرائڻ جو چونداسين مارشل لا نه لڳندي، سپهه سالار جو اهو به چوڻ هو ته اڃان تائين موبائيل تي پيغام اچي رهيا آهن پر هاڻي عمران خان  لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي ان گڏجاڻيءَ  کانپوءِ خاص طور پگهار ۽ پينشن نه  ملڻ واري انڪشاف  کانپوءِ  رٽائرڊ آفيسرن جو سافٽ ويئر اپ ٽوڊيٽ ٿي ويو آهي، جڏهن ته رٽائرڊ آفيسرن جو سوشل ميڊيا  انچارج رٽائرڊ ميجر عادل راجا خاموشيءَ  سان برطانيا کسڪي ويو آهي، سپهه سالار اهو به چيو ته عمران خان سمورن دوست ملڪن کي ناراض ڪري ڇڏيو، سعودي عرب، ترڪي، چين ۽ ٻيا دوست ملڪ  ڪاوڙجي ويا، هڪ سوال تي هن چيو ته روس وڃڻ بابت عمران خان مشورو ڪيو هوءِ کيس روس وڃڻ جو چيو هو پر عمران خان روس کان واپس اچڻ شرط آمريڪا خلاف واويلا ڪئي کيس منع ڪيو ويو پر هو نه ٿو مڙي، اهڙين حالتن ۾ اڃا ڪيئن سندس مدد ڪري سگهجي پئي، ياد رهي ته گهڻن ئي رٽائر  فوجي آفيسرن جا يوٽيوب چئنل بند ڪيا ويا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.