ڄام شوري مان گم ڪيل وقار پنهور جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڄام شورو (ڊ ر) ڄام شورو مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن وقار پنهور جي آزادي لاءِ جسقم جي سڏ تي ِ ڪامريڊ سومر جمالي، عابد جمالي ۽ صفي الله جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وقار پنهور کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن جو هينئر تائين ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي.هنن چيو ته ڄام شورو مان وقار پنهور سوڌو جاويد شورو ۽ زاهد چنو کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪا انساني حقن جي لتاڙ آهي،کنڀيل قومي ڪارڪنن تي ڪو  الزام آهي ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته گمشدگين ذريعي حراسان ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جي قومي مسئلن آواز اٿاريندڙن کي خاموش ڪرائي سگهجي پر اسان قومي حقن تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين ۽ جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.