پيرڳوٺ ويجهو پٽ ۽ سالي کي زخمي ڪندڙ پيرسن جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

پير جو ڳوٺ (رپورٽ:عبيد الله ڌاريجو) پيرڳوٺ ويجهو پٽ ۽ سالي کي فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ پيرسن جو ڳلو ڪپيل لاش وڻ سان ٽنگيل حالت ۾ هٿ، وارثن جو چوڻ آهي ته  پيرسن پاڻ کي ڇري سان ڪهي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته پيرسن کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش وڻ ۾ٽنگي آپگهات جو رنگ ڏنو ويو آهي.وڏا مهيسر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادن ميتلو ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان پيرسن اقبال ميتلو پنهنجي پٽ ذاڪر ميتلو ۽ سالي وحيد ميتلو کي بندوق جو فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي ڇري سان ڪهي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. وڏا مهيسر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته پيرسن اقبال ميتلو رٽائرڊ فوجي هو، گهرو اڻبڻت تان پٽ ۽سالي کي بندوق جو فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد ڳچيءَ ۾ رسو وجهي وڻ تي ويهي پاڻ کي ڇري سان ڪهي ڇڏيو. پوليس موجب فوتي اقبال ميتلو جي کيسي مان پرچي نڪتي، جنھن ۾ لکيل آهي ته پٽ ۽ سالو مون کي معاف نه ڪندا، جنهن ڪري پنهنجي زندگي ختم ڪيان ٿو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته اقبال ميتلو کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش وڻ ۾ ٽنگيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.