قومپرست دانشور احمد مجتبى شاهه راشدي جي ورسي، ڀيٽا پيش

پيرجوڳوٺ (ن ع آ ) قومپرست اڳواڻ ۽ ناليواري دانشور سيد احمد مجتبى شاهه راشدي جي 11 هين ورسي، جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران  مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي. رپورٽ موجب جسقم جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ ناليواري دانشور قومپرست اڳواڻ سيد احمد مجتبٰی شاهه راشدي جي 11 هين ورسي پيرڳوٺ ۾ سادگي سان ملهائي وئي. جڏهن ته جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جسقم سينيئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر، حاڪم آريجو، مقصود مهيسر، فهد مڱريو ۽ ٻين سندس مزار تي پهچي جسقم جو جهنڊو چادر طور چاڙهي گل نڇاور ڪيا ۽ دعا گھري. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيد احمد مجتبى شاهه راشدي تاريخ جو وڏو ماڻهو هو، جنهن سڄي زندگي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪئي، ۽ ان جي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙيو. هنن چيو ته سيد احمد مجتبى شاهه راشدي ڪيترائي ڪتاب لکي سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ لاءِ جاکوڙڻ لاءِ تڙپ پيدا ڪئي ۽ فلاسافي جي ذريعي مذهب جي صحيح تشريح ڪري سنڌ مان مذهبي انتهاپسندي کي رد ڪري تصوف کي ڦهلائڻ جي جدوجهد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.