ماٿيلي لڳ پرڻيل ناري اغوا، ڀاءُ گرفتار،وارثن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ غريب آباد محلي مان شادي شده عورت اغوا، پوليس عورت کي بازياب ڪرائڻ بدران عورت جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب غريب آباد محلي مان شادي شده عورت مسمات امبرين وسير اغوا ٿي وئي آهي، جنهن بعد ميرپور ماٿيلو پوليس اغوا ٿيل عورت مسمات امبرين کي بازياب ڪرائڻ بدران سندس عورت جي ڀاءُ سجاد وسير کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي آهي، ان حوالي سان گرفتار ٿيل سجاد وسير ۽ اغوا ٿيل مسمات امبرين وسير جي ماءُ مسمات چنڱل وسير، عاصمه، نشا وسير ميرپور ماٿيلو ٿاڻي پهچي ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مسمات چنڱل وسير، عاصمه، نشا وسير ۽ ٻين روئيندي ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته حبيب ملاڻو، ٻاجهي ملاڻو، امين ملاڻو ۽ ٻين منهنجي گهر ۾ گهڙي مون مٿان تشدد ڪري منهنجي نوجوان نياڻي امبرين وسير کي اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته اسان غريب آهيون ميرپور ماٿيلو پوليس به اسان جي مدد نه ٿي ڪري، ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پيٽرول جا پيسا گهري رهي آهي، هن چيو ته منهنجي نياڻي امبرين وسير جي شادي امين ملاڻو سان ٿيل هئي جنهن بعد  منهنجي نياڻي کي ڪارو ڪري کيس گهران ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هاڻي هو منهنجي گهر ۾ رهي پئي، هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته مذڪوره جوابدار منهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيندا، ۽ منهنجي نياڻي جي جان کي خطرو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي نياڻي کي بازياب نه ڪرايو ويو ته مان ٿاڻي اڳيان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏيندس، جنهن جي ذميواري ميرپور ماٿيلو پوليس مٿان هوندي، هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.