ڇا هي جمهوري نظام آهي، سڄو ملڪ نچايو ويوآهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا هي جمهوري نظام آهي، سڄي  پاڪستان کي نچايو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي عثمان بوزدار جي وڏي وزير طور استعيفيٰ منظوري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ چيف جسٽس درخواست داخل ڪندڙ وڪيل کان پڇيو ته توهان جو ان سان ڪهڙو واسطو آهي، اهو توهان جو معاملو ناهي، عدالت کي مذاق بڻايو ويو آهي. جسٽس امير ڀٽي چيو ته ڇا هي جمهوري نظام آهي، سڄي پاڪستان کي نچايو ويو آهي، ڪنهن ۾ به صبر ناهي، ملڪ لُٽجي رهيو آهي، مري رهيو آهي، ساهه نه پيو اچي ۽ هتي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. عدالت درخواست 10 لک ڏنڊ سان خارج ڪري ڇڏي، جنهن تي درخواست گذار پنهنجي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي. پوءِ عدالت درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.