وزيراعظم پاران دادو سانحي جي جاچ جو حڪم، متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ جاري

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري  ڇڏيا آهن جڏهن ته سانحي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا اهڙن قدمن کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو سانحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.