بي اين پي مينگل وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ تي راضي

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون، بي اين پي مينگل  کي ڪابينا ۾ حصو بڻجڻ تي راضي ڪري ورتو، ذريعن مطابق بلوچستان نيشنل پارٽي جا ٻه ميمبر ڪابينا جو حصو هوندا، بي اين پي مينگل چاغي واقعي تي عدالتي ڪميشن جي مطالبي تان هٿ کڻي وئي آهي، وفد وزيراعظم سان ملاقات ۾ مطالبا تسليم ٿيڻ تي شموليت جو فيصلو ڪيو، آغا حسن بلوچ کي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير بڻايو ويندو، جڏهن ته هاشم نوتزئي کي توانائي جو مملڪتي وزير بڻايو ويندو، چاغي واقعي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.