اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، 42 ارب جو ڪاروبار گهٽجي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه چوٿين ڏينهن به ٻاڙائي رهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 290  پوائنٽن جي لاٿ سان 45 هزار 652 پوائنٽن تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن تي 100 انڊيڪس 468 پوائنٽن تي رهيو، 100 انڊيڪس ڪالهه جي بلند ترين سطح 46 هزار 66 ۽ گهٽ ترين سطح 45 هزار 558 رهي، مارڪيٽ ۾ ڪالهه 18 ڪروڙ 64 لک جي شيئرز  جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 5 ارب 62 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 42 ارب رپين مان گهٽجي 7 هزار 618 ارب رپيا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.