عمران تحفن جون رسيدون ڏئي،ادارن خلاف روبوٽڪ ٽوئيٽ هليا: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جيترو توشا خانا مان ڪمايو، ايترو هن پوري زندگي  ۾ ناهي ڪمايو، وزيراعظم جي ڪرسي کي ان ڪاروبار بڻائي ڇڏيو هو، هو ڪاروبار ڪندو رهيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته منهنجو تحفو منهنجي مرضي نه ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جا تحفا هئا، ساڍن چئن سالن کان توشا خانا جي تحفن جي قيمت 142 ملين رپيا آهي، عمران خان جي 2 مهينن جي انڪم 85 ملين ۽ 4 سالن ۾ 142 ملين ٿي. هن چيو ته منهنجي مرضي نه هي وزيراعظم جي ڪرسي هئي، مني ٽريل ڏيکارڻي پوندي، رسيدون ته ڏيڻون پونديون، تحفن کي بازار ۾ وڪڻي نٿو سگھجي، تحريڪ انصاف جي حڪومت گذريل ڊسمبر ۾ 50 سيڪڙو جو قانون آندو، جڏهن ته عمران خان 20 سيڪڙو قيمتن تي ئي تحفا حاصل ڪيا.سندس موجب اڄ تائين اليڪشن ڪميشن تي مسلم ليگ ن ڪو اعتراض ناهي لڳايو. سڌ سماءِ واري  وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي اي کي چيو ويو آهي ته روبوٽڪس ٽوئيٽس جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ادارن خلاف روبوٽڪس ٽوئيٽس جي ذريعي مهم هلائي پئي وڃي، فوري ايڪشن کنيو ويندو ۽ انهن ٽوئيٽس کي ختم ڪيو ويندو، سڃاڻپ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن هنڌن تي روبوٽڪ مشينون نصب آهن، خبر پئجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.