فيض گنج ڀرسان هٿياربندن جي ڪاهه، ڳوٺاڻو مبينا اغوا، ڌرڻو

خيرپور ( س ر  ) فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ ايوب خان لاشاري جي رهواسين سوڀو خان لاشاري ، مير حسن لاشاري ، مسمات رحمت خاتون ، عجيبان ، امتياز لاشاري ۽ ٻين خيرپور پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ 6 کان وڌيڪ هٿياربندن رات جو اسان ڳوٺ تي چڙهائي ڪري حاڪم  ولد محمد عرس لاشاري کي هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن جنهن جي فرياد حد جي ٿاڻي فيض گنج ، اڪري ، ۽ هالاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس اسان مغوي حاڪم لاشاري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي هنن چيو ته اسان خدشو آھي ته حاڪم علي کي قتل ڪيو ويندو ، جنهن ڪري گهرن ۾ روڄ راڙو متل آھي هنن آء جي سنڌ ، ڊي آءجي سکر ، ايس ايس پي خيرپور ، ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت اعلي اختيارن کان  کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.