باکوڙي موري جي شهيدن جي 11 هين ورسي، سن ۾مزار تي حاضري، ڀيٽا

مانجهند(ن ع آ)  سن ۾َ جيئي سنڌ تحريڪ طرفان باکوڙي موري جي شهيدن جي 11 هين ورسي جي موقعي تي  مرڪزي جنرل سيڪريٽري  سورھ سنڌي، انور بڙدي ،مومن ويسر ،بشير پنهور جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سن پهچي باکوڙي موري جي شهيد روپلو چولياڻي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي  سورھيه سنڌي چيو ته زندھ قومون پنهنجي شهيدن کي وسارينديون ناهن شهيد انقلاب جو اهڃاڻ ۽ بغاوت جا سرچشما هوندا آهن جيڪي پنهنجي رت سان صدين کان غلامي ۾ ورتل قومن جي تقدير بدلائي ڇڏيندا آهن هن چيو ته سنڌ هن وقت خطرن ۾ گهيريل آهي سنڌ جي  لاءِ جدوجهد ڪندڙ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري اڻ اعلانيا آپريشن شروع ڪيو ويو آهي  جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪرناڻي ۽ راول ڪرناڻي جي مٿان شهيد شفيع محمد ڪرناڻي جي ورسي ملهائڻ جي ڏوھ ۾ ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته جيئي سنڌ تحريڪ جي سموري مرڪزي قيادت تي ڪيس داخل آھن  ان کان اڳ سنڌ جي قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ سمورن شهيدن جي مزارن تي گلن جي ورکا ڪري جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ورجايو ويو.

  • شهدادڪوٽ ۾ باکوڙي موريءَ جي شهيدن کي ڀيٽا، ريلي

شهدادڪوٽ (ت ر) شهدادڪوٽ ۾شهيد سرائي قربان کهاوڙ يادگار ڪاميٽي پاران باکوڙي موري جي شھيدن جي 11 ورسي ملهائي مزارن  تي گلن جون چادرون چاڙهي خراج پيش ڪيو ويو. شهيد سرائي قربان کهاوڙ يادگار ڪاميٽي پاران باکوڙي موري تي زندهه ساڙي شھيد ڪيل شھيد سرائي قربان کھاوڙ، شهيد روپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو جي 11 ورسي جي حوالي سان سرائي قربان کهاوڙ جي اوطاق کان سرائي زين کهاوڙ، سرائي شير کهاوڙ، سورهيه سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي خراج پيش ڪيو. ٻئي پاسي سرائي قربان کهاوڙ جي اوطاق تي روزيدارن کي افطار ڪرايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.