ميرپورٻرڙو (ن ع آ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ جاڙا واهه ۾ نامعلوم ماڻهن رائيس مشين ڪارخاني کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو اٽو ڪڻڪ ۽ چانور سڙي ويا آهن ڪارخاني جي مالڪ نثار احمد راجپوت ٻڌايو آهي ته نامعلوم شرپسند ماڻهن منهنجي رائيس مشن جي ڪارخاني کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا. جنهن تي ڪارخاني ۾ پيل لکين روپين جو اناج ڪڻڪ . چانور. اٽو سڙي رک ٿي ويا آهن جنهن نتيجي ۾ منهنجو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ڪارخاني مالڪ گهر ڪندي چيو ته آهي اهڙن شرپسند ماڻهن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.