پيرڳوٺ لڳ چڙھائي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، 8 گهرن کي باھ ، احتجاج

پيرجوڳوٺ  (رپورٽ علي گل جوڻيجو) باگڙجي لڳ ڳوٺ ميلو جتوئي ۾ سکر ۽ باگڙجي پوليس سان گڏ پرائيويٽ ماڻهن ڳوٺ تي چڙھائي ڪري حاجي بيگ، گلزار، منير، ذوالفقار، قطب ، نثار احمد جتوئي ۽ ٻين جي گهرن تي چڙھائي ڪري گهر گهر تلاشي ڪئي جنهن بعد اهلڪارن ۽ پرائيويٽ ماڻهن عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪيو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل ڳوٺ جي پيرسن عورت مسمات حسينا زال محمد يوسف جتوئي جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف دانھيندي چيو ته باگڙجي ۽ سکر پوليس پرائيويٽ ماڻھو ساڻ ڪري بيگناھ گهرن تي چڙھائي ڪئي ۽ ڄاڻايل ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ داخل ٿي گهرن مان 3 تولا سونا زيور، 6 ڳئون، 2 مينھون، 8 ڪٽا ڪڻڪ، هنڌ بسترا، هڪ موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته اسان جا 2 نينگر محمد مزمل ۽ حسين جتوئي جيڪي باگڙجي اسڪول پڙھڻ ويا هئا گم ٿي ويا آھن گهڻي ڳولھا باوجو ڪو ڏس پتو نه پئجي سهگيو آھي، اسان کي لڳي ٿو ته مخالفن اسان جا نينگر پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيا آھن جنهن جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو آھي پر ڪوبه تدارڪ نه پيو ٿئي، هنن آءِ جي، سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ وس وارن کان گهر ڪئي آھي ته پوليس جي ڪيل ڪاروائي جو نوٽيس وٺي ازالو ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.