سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل وٽ پٽيشن جي ٻڌڻي

گلشن اقبال (ن ع آ) رهائشي علائقن ۽ ڳوٺن اندر قائم غيرقانوني صنعتن منجهان خارج ٿيندڙ هاڃيڪار دونھين , دز, زهريلي ڪيميڪل ۽ پاڻيء سبب  پئدا ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ  ۽ انسانن , حيوانن , وڻن ٽڻن توڙي ٻوٽن مٿان ان جي موتمار ۽ ڀوائتن اثرن سان گڏ, جر جي پاڻيء , واهڙن , ڍنڍن توڙي سمنڊ جو پاڻي زهريلو ٿي وڃڻ سبب آبي جيوت ۽ تمر جي ٻيلن جي وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهيء  خلاف، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء جي مرڪزي صدرممتاز بروهيء پاران، سنڌ هاء ڪورٽ آڏو ناليري قانون دان امان الله  شيخ جي وڪالت ھيٺ داخل ڪرايل هڪ آئيني پٽيشن تي  جاري ڪيل حڪمن ھيٺ، سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل آڏو ذاتي   طور داخل ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي نثار محمد شيخ جي سربراهيء هيٺ, محمد عارف خان ۽ عبدالرئوف ميمڻ صاحب  تي ٻڌل  ٽربيونل جي  ٽه رڪني  بئنچ پاران ,  27 جنوري 2022ع  تي ڪئي وئي  هن کان اڳ واري , 2  ڊسمبر 2021 ع تي ٿيل  ٻڌڻيء وقت , سنڌ انوارنمنٽل پروٽيڪشن ايجنسيء جي عملدارن پاران هر هر, هڪ ٻئي يا ٻين ادارن پاران سهڪار نه ڪرڻ جا بهانا ڄاڻائي ,  خميسو ڳوٺ نئين ڪراچيء اندر ماحولياتي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري , گدلاڻ ڦهلائيدڙ فيڪٽرين ياصنعتن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ  ۽ ان ڏس ۾ پيش ڪيل اڻ پوري  رپورٽ کي  رد ڪري , احترام لائق عدالت پاران  مٿن ڪڍيل ڇوهن  کان نٽائيندي, انهن عملدارن پاران , انهن گدلاڻ  پکيڙيندڙ فيڪٽرين منجهان 16 فيڪٽرين خلاف جاچ ڪري  , وڌيڪ ڪارخانن خلاف جاچ ۽ ڪاروائي۽ لاء وقت ۽ نارٿ ڪراچي انڊسٽريل  ايسوسيئيشن طرف لاڳاپيل عملدارن طرفان ليٽر موڪلرآئڻ لاء چيو ويو , جنهن تي عدالت پاران لاڳاپيل عملدار کي اهو ڪم ڪرڻ جو حڪم صادر ڪندي,   ٻڌڻيء جي ايندڙ  تاريخ 10 مارچ 2022ع تي سڀني ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.