پ پ ۽ متحده چونڊ کٽڻ لاءِ نسلي جهيڙا چاهين ٿيون: خالق جوڻيجو

خيرپور (س ر  ) خيرپورسائين جي ايم سيد جي سالگره ملهائي وئي، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو  آهي ته جي ايم سيد جو فڪر سموريون پابنديون ۽ سموريون رڪارٽون ٽوڙي نه رڳو سنڌ پر دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پهچي رهيو آهي جي ايم سيد سچ سموري پروپيگنڊا کي شڪست ڏئي،روشن سج وانگر پنهنجي سچائي جو اعلان ڪري رهيو آهي،اڄ جيڪي اقتداري سياستدان دانهون ٿا ڪن ته اسان جي ليڊر ملڪ کي آئين ڏنو،پوءِ به کيس ڦاسي ڏئي ويئي . ان لاءِ سائين جي ايم سيد اڳ۾ ئي چيو هئو ته اصل اقتدار ڌڻي ڪم ڪڍي ڦاسي ڏيندس،هن چيو ته هاڻي سنڌين کي جي ايم سيد جي خوشحالي خود مختياري واري پروگرام ۽ اقتدار پرست ليڊرن جي غلامي پسند ڪرپٽ نظام منجهان هڪ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي پنهنجي اقتدار مفادن خاطر سنڌ ۾ نسلي جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿيون،اهي سدائين اليڪشن کٽڻ لاءِ اهڙا ڊراما ڪندا آهن . ان موقعي تي امداد چاچڙ،پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو،ممتاز علي رڏ،نذير رڏ،سيد بشير شاه ۽ ٻين خطاب ڪيو،ان کان سائين جي ايم سيد جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.