پ پ جماعت اسلامي کي مامو بڻائي ڇڏيو: ايم ڪيو ايم

ڪراچي(رپوٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته پ پ جماعت اسلامي کي مامو بڻائي ڇڏيو، جماعت اسلامي بيوقوف بڻجي وئي آهي،  اهڙو اظهار ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي ميمبرن خواجه اظهار الحسن، محمد حسين ۽ جاويد حنيف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، خواجا اظهار الحسن دعويٰ ڪئي ته جماعت اسلامي کي جلد شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوندو، هن سوال ڪيو ته ڇا جماعت اسلامي پنهنجا مطالبا مڃائي ورتا، هن چيو ته ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن به لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي دٻاءَ هيٺ ڳالهيون شروع ڪيون آهن، خواجا اظهار الحسن حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي پراڻي پارٽي ايتري آساني سان ڪيئن ڦاسي سگهي ٿي؟ هن چيو ته اي اين پي ۽ جي ڊي اي سميت اپوزيشن پارٽين پيپلز پارٽي کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو ته جماعت اسلامي جو ڌرڻو ختم ڪرڻ سواليه نشان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.