اسلام ڪوٽ ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام ڪوٽ (ت،ر) اسلام ڪوٽ شهر جي ڪولهي پاڙي ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ 30 ورهين جي املان زال جگديش ڪولهي گهرو جهيڙي  کان تنگ ٿي گهر جي چونئري اندر پاڻ کي ڦاهو ڏيئي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ محمد خان زنئور موجب عورت گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي آهي، عورت جي مُڙس ٻُڌايو آهي ته زال ۽ ڀاڄائي وچ ۾ ٿوري اڻبڻت رهندي هئي، جنهن بعد گهرواري ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آهي، باقي اسين ڪا به ڪارروائي ڪرڻ نه ٿا چاهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.