نوشهروفيروز: ساهتي يونين جرنلسٽ جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب

ساهتي يونين آف جرنلسٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ نيشنل نيشنل پريس ڪلب نوشھرو فيروز پاران مچ ڪچهري جي تقريب ڪوٺائي وئي.

مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل آجياڻي ۾ سنڌ جي مشھور صوفي راڳي فقير اعجاز علي خاصخيلي، نديم فرهاد ، مرڪ محبوب خاصخيلي ۽ ٻين قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏهن ته تقريب آيل مهانن کي اجرڪ پڻ پهرايا ويا.

ان موقعي تي تقريب جي ميزبان نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر ساهتي جرنلسٽ جي چونڊيل عهديدارن جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو ته ظلم ۽ ڏاڍ خلاف هتان جي صحافين پاڻ ملهائي شهادت جا جام پيتا آھن شھيد صحافي عزيز ميمڻ ۽ علي شير راڄپر نوشهرو فيروز جي وڏيرا شاهي سان اکيون اکين ۾ ملائي قلم جي حرمت برقرار رکي.

ساهتي يونين آف جرنلسٽ جي نئين چونڊل صدر محمد يونس راڄپر چيو ته  ساهتي جي قلمڪارن پنهنجي شھيد صحافين کي وساريو ناهي سندن مزاحمتون ۽ يادون تاريخ جو حصو آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.