جلد جي مسئلن جي حل لاءِ آزمايل ٽوٽڪا

سياري جي موسم ۾ جلد ۽ وار گھڻي خشڪي جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف ٽوٽڪا ۽ پروڊڪٽس استعمال ڪيا ويندا آهن.

ماهرن موجب روز رات جو سمهڻ کان اڳ دُن ۾ سرنهن جو تيل جا 4 کان 5 ڦڙا وجهڻ سان جلد جي خشڪي ختم ٿي ويندي آهي.

تيل وجهڻ سان گڏ جيڪڏهن دُن جي ڀرسان جلد تي مساج به ڪئي وڃي ته اهو عمل معدي جي سڀني مسئلن جو حل آهي.

طبي ماهرن موجب دُن اسان جي جسم جي سڀني نالين ۽ رڳن جو مرڪز آهي، اتان رڳون سڄي جسم تائين پهچينديون آهن. ان جي صفائي جو خيال رکڻ به گھڻو ضروري آهي.

سرنهن جي تيل کانسواءِ ٻين قسمن جو تيل به مختلف اثر وجهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.