اسٽريمنگ ويب سائيٽ نيٽ فليڪس طرفان اطالوي فلم جي عربي ٻولي ۾ ٺاهيل ريميڪ تي وچ اوڀر ۽ خاص طور تي مصر ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو ۽ ماڻهن فلم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
شوبز ويب سائيٽ هالي ووڊ رپورٽر موجب 20 جنوري تي رليز ڪيل عربي فلم ”عزيز ترين دوست“ کي ان جي ڪهاڻي ۽ ڪردارن سبب فحش ۽ عرب روايتن ۽ سماج جي خلاف قرار ڏئي ان تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
فلم تي جيتوڻيڪ مختلف وچ اوڀر جي ملڪن جا ماڻهو اعتراض ڪري رهيا آهن، پر ان تي سڀ کان وڌيڪ تڪرار مصر ۾ پيدا ٿي ويو آهي، ڇو جو فلم جي ڪاسٽ ۾ مصري اداڪار شامل آهن.