اڏيرولال ۾ دڪان کي کاٽ،چوري

اڏيرولال(ن ع آ) اڏيرولال اسٽيشن شهر جي مسعود بهلم جي فلور ملز جي ڇت ۾ ٺهيل روشندان مان رات دير سان نامعلوم چور اندر داخل ٿي 15 هزار رپيا ڪيش کڻي ويا. فلور ملز مالڪ مسعود بهلم نامعلوم چورن خلاف اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته اڏيرولال اسٽيشن نامعلوم چورن پاران کاٽ جو سلسلو جاري آهي، ڪجهه اڳ ۾ جسڪاڻي چوڪ تي نامعلوم چورن سيٺ رميش جي دڪان ۾ کاٽ هڻي هزارين رپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.