صوفي زاهد شاهه جو ميلو، راڳ رنگ جي محفل، ملهه مقابلا

خيرپور(ڊر)  درگاھ سيد حسين شاھ جيلاني تي صوفي سيد زاهد علي شاھ جيلاني جو سالياني عرس مبارڪ جي ٽئين ڏينهن تي به شھر بوزدار وڏا ۾  سنڌ پنجاب جا پهرين جوڙ جا ملھ پهلوانن ملاکڙي ۾ حصو ورتو جنهن پهرين جوڙ جو ملھ مشير چاچڙ ، محمد خان ڦل رياض خاصخيلي ، ثناالله ڦل ۽ ٻين ملھ جا مقابلا وڙھيا جنهن ۾ محمد خان ڦل ملھ ماري مقابلو کٽيو ۽ راڳ رنگ جي محفل ۾ سنڌ جي سريلن صوفي فنڪارن رانجهن ڀٽي، فقير طالب ميراسي فقير ضمير قمبراڻي ۽ فقير رياض مڱڻھار پنهنجا صوفي سر وکريا ۽ خوب داد حاصل ڪيو. صوفي سيد زاهد علي شاھ جيلاني جي مزار تي درگاھ جي گادي نشين سيد ارشاد علي شاھ جيلاني ، سجاده نشين سيد شيراز جيلاني صوفي ڪلامن جي گونج ۾ سوين مريدن ۽ عقيدت مندن سان ميندي جي رسم ادا ڪئي ،ان موقعي تي ملڪ لاء خاص ڪري سنڌ جي سلامتي لاء خصوصي دعائون گهريون ويون

  • جوڊيشري کاتي مان برطرف ڪيل ججن جي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽر) جوڊيشري کاتي مان ڪارڪردگي جي بنياد تي برطرف ڪيل ججن غلام شبير سومرو ۽ ميان فياض رباني حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته کين مختلف وقتن تي خراب ڪارڪردگي جو بنياد ڄاڻائي نوڪري تان برطرف ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته جوڊيشري کاتي ۾ ججن سان وڏو ظلم آهي، جج ڪيتري عرصي تائين اي سي آر لاءِ دربدر هوندا آهن. ميان فياض رباني چيو ته منهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ 23 مارچ موڪل ڏهاڙي تيار ڪري موڪلي وئي. هن چيو ته اسان 2015ع ۽ 2016ع کان انصاف لاءِ دربدر آهيون، اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، اسان جون درخواستن رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه برطرف ججن کي رٽائرمينٽ ڏئي رٽائرڊ ڪيو ويو، ڪارڪردگي جي بنياد تي هڪ طرفو نوڪرين تان برطرف ڪرڻ ناانصافي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.