ملڪ ۾ انصاف جو نظام سست آهي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ انصاف جو نظام سست ھجڻ ڪري ماڻھو جرڳائي ۽ سرداري نظام جي پنجوڙ ۾ قيد آھن۔ عام ماڻھو انصاف جي انتظار ۾ زندگيون وڃائي ڇڏين ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھڪ عدالت ڪينسر جي مريض قيدياڻي سليما کي سندس موت کان ست مھينا پوءِ بيگناھ قرار ڏنو آھي. انصاف ۽ سرڪار جي بيحس ۽ سُست نظام مسڪين ماڻھن جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته اسان وٽ قانوني ڪوريئڙي جي ڄار وانگر آھي جنھن کي طاقتور، وڏا ماڻھو ۽ حڪمران سدائين ٽوڙي بچي وڃن ٿا ۽ ڪمزور ۽ غريب ماڻھو ڦاسي وڃن ٿا۔ معمولي الزامن ۾ غريب ماڻھو جيلن ۾ زندگي وڃايو ڇڏين باقي حڪمران طبقو ڪرپشن ۽ دھشتگردي جي ڪيسن ۾ ملوث ھجڻ باوجود وجود پڪڙ ۾ نٿو اچي۔ وڏن ماڻھن لاء قانون ناھي۔ انصاف جي نالي ۾ ڪمزور ۽ مخالفن کي انتقام جو نشانو بنايو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاء جرڳائي نظام قائم ڪري ويٺل آھن۔ جتي معصوم ماڻھن جا خون ۽ نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ انصاف کي لتاڙيو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ وقت سر ۽ تڪڙي انصاف جي نظام جي ضرورت آھي۔ انصاف جي نظام کان سواء اسين ترقي نٿا ڪري سگھون ۽ مضبوط نٿا ٿي سگھون۔ انصاف جي نظام سان ڪرپشن ختم ٿيندي۔ تعليمي معيار وڌندو، صحت جو نظام بھتر ٿيندو۔.   سڄو انفرااسٽڪچر معياري ۽ بھتر ٿيندو۔ انصاف جي قتل سان بدعنواني رھندي۔ ناانصافي ۽ دھشتگردي جو راڄ رھندو۔ . ھوڏانھن ٻئي پاسي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي اڳواڻ عبدالعليم خاصخيلي پنھنجن ساٿين سميت استعيفي ڏئي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو تي اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.